ديدار حسين خان

ديدار حسين خان

ديدار حسين خان

ديدار حسين خان: طبلي نواز ديدار حسين خان 1965ع ڌاري حيدرآباد ۾ خانصاحب فدا حسين خان جي گهر ۾ جنم ورتو. گائڪيءَ ۽ طبلي جي سکيا پنهنجي والد کان ورتائين. ٿوري عرصي ۾ هُن گائيڪي ۽ طبلي وڄائڻ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي. ديدار حسين خان ابتدا کان وٺي خانصاحب منظور علي خان سان طبلي تي ساٿ سنگت ڪئي. 1978ع ۾ اوپن ايئر ٿيٽر ۾ پڻ خانصاحب منظور علي خان سان سنگت ڪيائين. گڏوگڏ ديدار حسين پنهنجي والد صاحب سان پڻ ساٿ سنگت ڪندو رهيو. ان کان سواءِ طبلي ۽ ڍولڪ تي استاد محمد جمن، محمد يوسف، گلزار علي خان (دايو)، وزير علي خان، استاد حميد علي فتح علي خان، استاد نيــاز حـسيــن خان، اسـتاد تصـدق حـسين خـان، حـسـين بخش خادم، فقير عبدالغفور سان به ساٿ سنگت ڪري چڪو آهي. هڪ ڀيري حضرت سچل سرمست جي ميلي ۾ سندس فن ڏسي عابده پروين، استاد منظور علي خان کي چيو ته ديدار حسين کي چئو ته مونسان محفلن ۾ طبلو وڄائي، پر خانصاحب منظور علي خان انڪار ڪيو.
ديدار حسين ڪلاسيڪل پروگـرام ’راڳ رنگ‘ ۾ پنـهـنجـي والـد فدا حسين خان سان گڏ راڳ به آلاپيو. ان کان سواءِ پي. ٽي. ويءَ جي پروگرام محفل ۾ به گائيڪيءَ جا جوهر ڏيکاريائين. ريڊيو پاڪستان تي پنهنجي والد استاد فدا حسين خان سان گڏ پروگرام ڪندو هو، پر 1988ع ۾ خواجا امداد کيس ريڊيو لاءِ منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ هو ريڊيو پاڪستان ۾ اي ڪلاس ڪيٽيگريءَ ۾ ڳائيندو رهيو.
ديدار حسين خان کي درگاهي راڳي/ گائڪ جو اعزاز به حاصل آهي. هن شروع شروع ۾ حيدرآباد جي درگاهه سيد ڇُٽل شاهه تي ڳايو ۽ وڏو داد حاصل ڪيائين. ديدار حسين گائڪ گهراڻي سان واسطو رکي ٿو. هو خانصاحب منظور علي خان جو سڳو ڀاڻيجو ۽ خانصاحب بيبي خان جو پوٽو آهي. ديدار حسين خان، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، قلندر لعل شهباز ۽ مصري شاهه تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ پرفارم ڪري چڪو آهي. ديدار حسين خان اڄڪلهه پنهنجي ڀاءُ محبت علي خان سان گڏ جوڙي ۾ ڳائيندو آهي. ديدار حسين خان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ’سينٽر فار ميوزڪ ايجوڪيشن‘ ۾ به استاد طور ڪم ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ آل پاڪستان ڪانفرنس ۽ هندو جيم خاني ۾ پنهنجي ڀاءُ محبت خان سان گڏ ٻه ڀيرا پرفارم ڪري چڪو آهي.


لفظ ديدار حسين خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو